شڪارپور جي صحافتي تاريخ

شڪارپور جي صحافتي تاريخ

شڪارپور جي صحافتي تاريخ

شڪارپور جي صحافتي تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب ناليواري اسڪالر ۽ محقق، ڊاڪٽر انور فگار هڪڙي جي شڪارپور جي صحافتي تاريخ بابت تحقيق تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو مهاڳ ‘منهنجو يروشلم’ جي عنوان سان ناليواري اديب آغا سليم لکيو آهي، ۽ پيش لفظ ليکڪ پاڻ لکيو آهي. هن ڪتاب جي ارپنا ڊاڪٽر الهه رکئي ٻُٽ ۽ خليل مورياڻيءَ کي ڪيل آهي. هي ڪتاب هيٺين حصن ۾ ورهايل آهي: (1) صحافت يا اخبار نويسيءَ جي وصف ۽ تاريخي جهلڪ، (2) شڪارپور جي صحافت جو پسمنظر، (3) شڪارپور جي صحافت جي تاريخ، (4) شڪارپور جي ڇاپخانن جي تاريخ، (5) نيوز ايجنسيون، (6) شڪارپور جا اخبار نويس ۽ (7) ضميمو شامل آهن.
182 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري، 2004ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 125 روپيا آهي.


لفظ شڪارپور جي صحافتي تاريخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو